سچل جو ڪلام عرف عاشقي الهام

سچل جو ڪلام عرف عاشقي الهام

سچل جو ڪلام عرف عاشقي الهام

سچل جو ڪلام عرف عاشقي الهام: سچل سرمست جو هي ڪلام، اصل ۾ سچل سائينءَ جي سچي عاشق مائي رُڪي ٻائي عرف نماڻي فقير جو ترتيب ڏنل هو، جيڪو 1952ع ۾ بڙودا هندستان مان شايع ٿيو هو. ان کي سچل جي ٻئي عاشق علي گوهر درازيءَ نئينءَ ترتيب ۽ واڌاري سان مرتب ڪيو آهي. نماڻي فقير واري رسالي ۾ اٽڪل 700 سنڌي، سرائيڪي ۽ اردو ڪلام ڏنل هئا، پر هن رسالي ۾ ٻيو ڪلام به شامل ڪيو ويو آهي. رسالي کي ٽن ڀاڱن: سنڌي، سرائڪي ۽ اردوءَ ۾ ورهايو ويو آهي. نماڻي فقير ٽنهي ڪلامن لاءِ سنڌي رسم الخط ڪم آندي هئي، پر نئين ترتيب ۾ رسم الخط ٻولين مطابق رکيا ويا آهن. رسالي ۾ ’حيات سچل‘ مان غلط روايتون به ڪڍيون ويون آهن، عاشقي الهام جو هي رڳو سنڌي ڀاڱو آهي، رسالي جي ابتدا ۾ ڊائريڪٽر سچل چيئر سخي قبول محمد فاروقيءَ جي نوٽ کان پوءِ فهرست ڏني وئي آهي. فهرست بعد رسالي جي نئين سر ترتيب ڏيندڙ علي گوهر قاضي، رسالو سخي قبول محمد (چهارم) کي معنون/ منسوب ڪيو آهي. ان بعد ٻه اکر ان وقت جي وائيس چانسلر عبدالحميد ميمڻ جا ڏنا ويا آهن، جنهن بعد پنهنجي پاران ۾ علي گوهر قاضيءَ سرڳواسڻ نماڻي فقير واري رسالي جي تفصيلن ۽ ان ۾ ٿيل واڌاري جو ذڪر ڪيو آهي.
هي رسالو سچل چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور پاران 1995ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. ڊيمي سائيز جي آرٽ پيپر جلد سان 520 صفحن تي مشتمل هن رسالي جي قيمت 350 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو